چوهڙجمالي: سني تحريڪ طرفان ميلاد مصطفيٰ  ﷺ جي سلسلي ۾ ريلي

WhatsApp Image 2024-09-13 at 16.40.39_5e7ab1fe

چوهڙ جمالي ( رپورٽ: وقار ميمڻ ) پاڪستان سني تحريڪ يونٽ چوھڙجمالي طرفان ميلاد مصطفيٰ  ﷺ جي سلسلي ۾ المدينه مسجد کان شاھبندر چوڪ تائين ريلي ڪڍي وئي، علائقو مرحبا يا مصطفيٰ  ﷺ جي  نعرن سان گونجي پيو، ريلي جي اڳواڻي پاڪستان سني تحريڪ صوبائي اڳواڻ مولوي منظور احمد قادري، مولوي ديدار اوٺو، راشد ميمڻ، اقبال ميمڻ ۽ ٻين ڪئي، ان موقعي تي اڳواڻن ڳالهائيندي چيو ته حضرت محمد مصطفيٰ  ﷺ جي ولادت جي خوشي ۾ استقباليه ريلي ڪڍي وئي آھي، حضرت محمد مصطفيٰ  ﷺ جي صدقي الله پاڪ پوري ڪائنات کي پيدا   ڪيو، دنيا جي ڪابه طاقت ناھي جيڪا اسان کي پنھنجي آقا ﷺ جي ميلاد ملھائڻ کان روڪي سگھي

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *