عمرڪوٽ: پوليس جي ڪاروائي 2 منشيات فروش سوگها
عمرڪوٽ ( رپورٽ: جلال شر ) عمرڪوٽ ڀرسان ايس ايڇ او پٿورو عزيز راهمون پنهنجي ٽيم سميت ڪاروائي ڪندي ٻن منشيات فروشن مصطفيٰ کوسو ۽ رجب کوسو کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي، گرفتار جوابدارن وٽان 20،20 پاڪٽ سفينا برآمد ڪيا ويا، جڏهن ته گرفتار جوابدارن مٿان منشيات ايڪٽ تحت ڪيس پڻ داخل ڪيو ويو آهي، ايس ايڇ او پٿورو عزيز راهمون جو چوڻ آهي ته منشيات فروشن ۽ سماج دشمنن خلاف ڪاروائين جو سلسلو هلندڙ آهي
