ٺاروشاهه: ڳوٺ لونگ راڄپر ۾ مبينا زنده دفنايل نياڻي وارو مامرو، قبر ڪشائي وئي

WhatsApp Image 2024-09-12 at 14.14.34


ٺاروشاهه ( رپورٽ: نصير ابڙو )ٺاروشاهه ڀرسان ڳوٺ لونگ راڄپر ۾ ڏيڊ مھينو اڳ مبينا زنده دفنايل نياڻي وارو مامرو، ڪنڊيارو جي عدالت جي حڪم تي اڄ قبر ڪشائي ڪئي وئي، فرسٽ سول جج جوڊئيشل مئجسٽريٽ جي نگراني ۾ جوڙيل ميڊڪل بورڊ قبرڪشائي ڪئي آهي، قبرڪشائي دوران سيڪورٽي جا انتظام سخت ڪيا ويا، ياد رهي ته ڏيڊ مهينو اڳ ڳوٺ لونگ راڄپر ۾ بي رحم والد مڇر عرف طيب راڄپر غربت سبب پنهنجي تازي ڄاول 15 ڏينھن جي نياڻي کي ڳوٺ ڀرسان زنده دفنايو هو، جنهن کان پوءِ ڪنڊيارو ٿاڻي تي سرڪاري مدعيت ۾ جوابدار والد خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو هو ۽ پوليس جوابدار کي گرفتار ڪيو هو جيڪو جيل حوالي ٿيل آهي، قبر ڪشائي بعد مڙهه جا جزا وٺي ليبارٽري موڪليا ويا آهن، ليبارٽري مان رپورٽ اچڻ بعد ڪنڊيارو جي عدالت سڳوري ۾ پيش ڪئي ويندي

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *