ريتي: ڳوٺاڻن پاران پوليو مهم جو بائڪاٽ، اي سي پاران مطالبا پورا ڪرڻ جي يقين دهاني
ريتي ( رپورٽ: صدام حسين ملڪ ) ڳوٺ نرلي ۾ پوليو مهم جو بائيڪاٽ ڪندڙ ڳوٺاڻن وٽ اسسٽنٽ ڪمشنر سهيب الاهي پهتو، پوليو مهم جو بائيڪاٽ ڪندڙ سمورن ڳوٺاڻن جا مطالبا پورا ڪرڻ جو يقين ڏياريو، ڪجهه ڏينهن اڳ نرلي ڳوٺ جي رهواسين بنيادي سهولتن جي کوٽ خلاف پوليو مهم جو بائيڪاٽ ڪيو هو ۽ اسسٽنٽ ڪمشنر صھيب الاهي، يوسي چيئرمين رئيس حبيب الله ڀٽو ۽ يوسي سيڪريٽري ارشد علي سومرو پهچي کين سموريون بنيادي سهولتون فراهم ڪرڻ جو يقين ڏياريو آهي اسسٽنٽ ڪمشنر چيو ته جلد ڪم شروع ڪيو ويندو
