نصيرآباد: ڳوٺ جان محمد جنجڻي ۾ پورهيت جي دڪان کي شرپسندن باهه ڏئي ڇڏي متاثر جو احتجاج
نصيرآباد ( رپورٽ: قمر عباس شاهه ) نصيرآباد ڀرسان ڳوٺ جان محمد چنجڻي جي رهواسي پورهيت عامر چنجڻي جي دڪان کي نامعلوم ماڻهن رات جي وقت مبينا طور کي باهه ڏئي ڇڏي نتيجي ۾ دڪان ۾ پيل هڪ لک کان وڌيڪ جو سامان سڙي رک ٿي ويو، متاثر دڪاندار عامر چنجڻي جو چوڻ آهي ته آئون مسڪين آهيان پيسه گڏ ڪري دڪان کوليو هو ته جئين گهر جو چرخو هلائي سگهان پر رات جي وقت نامعلوم ماڻهن منهنجي دڪان کي باهه ڏئي ساڙي ڇڏيو آهي، باهه لڳڻ سبب منهنجي دڪان ۾ پيل قيمتي سامان سڙي رک ٿي ويو آهي جنهن جي ماليت هڪ لک رپين کان وڌيڪ هئي
