ميرپورماٿيلو: ڳوٺ شير محمد سيال واسي زال ۽ مڙس جو احتجاج
ميرپورماٿيلو ( رپورٽ: عمر ڪورائي ) ميرپورماٿيلو: ڳوٺ شير محمد سيال جي رهواسي نوجوان ظفر سيال ۽ سندس گهرواري ثنا سيال ميڊيا آڏو دانهيندي چيو ته اسان پنھنجي مائٽن جي رضا خوشي سان شادي ڪئي آھي، بااثر امداد مھر ڪوڙو نڪاح نامو ٺھرائي بليڪ ميل ڪري رهيو آهي، مختلف وقتن تي ڌماڪئيندو رهي ٿو، ناري ثنا جو چوڻ هو ته منهنجو امداد مهر سان ڪو به تعلق ناهي مون ظفر سيال سان شادي ڪئي آهي ھن چيو ته گذريل رات امداد مهر، صدام مهر ۽ پوليس گھر ۾ داخل ٿي گھر ۾ ڀڃ ڊاهه ڪئي مون کي ۽ منھجي مڙس کي اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي عورتن کي ٻارڙن تي تشدد پڻ ڪيو ويو، ھن چيو ته مقامي عدالت ۾ نڪاح نامي متعلق درخواست ڏني هئي، منهنجو امداد مهر جيئڻ جنجال بڻائي ڇڏيو آئون وس وارن کان اپيل ڪريان ٿي ته بااثر امداد مهر مان مون کي ۽ منهنجي مڙس جي زندگين کي خطرو آهي تحفظ ۽ انصاف فراهم ڪيو وڃي
