مٽياري: ساليانو اسيران شام رهائي الوداعي 72 علم پاڪن جو ماتمي جلوس برآمد
مٽياري ( رپورٽ: ذوهيب ميمڻ ) ماتمي جلوس ۾ وڏي انگ ۾ ذوالجناح پڻ برآمد ڪيا ويا، هر پاسي ياحسين جون صدائون بلند، اسيران شام رهائي الوادعي 72 علم پاڪن وارو ماتمي جلوس سيد نديم شاهه، مظهر عباس خاصخيلي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ درگاهه ميون سيد حاجي کان برآمد ڪيو ويو، رهائي اسيران شام واري ماتمي جلوس ۾ سنڌ جي مختلف شهرن سميت مٽياري جي مقامي نوحه خوانن ۽ ماتمدارن سينه زني ڪري ڪربلا جي شهيدن کي الوادعي پرسو پيش ڪيو، جڏهن ته رهائي اسيران شام وارو ماتمي جلوس مختلف پڙن سيد علي حيدر شاهه ڄاموٽ، پڌري جي پڙ، درگاهه سخي ھاشم، هاشمي امام بارگاهه ۽ ڪابل جي پڙ کان ٿيندو مٽياري جي علي ولي الله چوڪ پهتو جتي ذاڪرن مجلس عزا کي خطاب ڪري ڪربلا جي شهيدن جي زندگي تي روشني وڌي ماتمي جلوس امام بارگاهه بنت الحسين تي اختتام پذير ٿيو
