دريا خان مري: ڳوٺ عطا محمد لاشاري ۾ عيد ميلادالنبي صلعم جو جلسو ٿي گذريو
دريا خان مري ( رپورٽ: ڪاشف آرائين ) ڳوٺ عطا محمد لاشاري ۾ جشن عيد ميلادالنبي صلعم جو عظيم الشان جلسو حافظ عبدالحفيظ پلهه جي صدارت هيٺ ٿي گذريو آهي، جشن عيد ميلادالنبي صلعم جي جلسي ۾ مولانا عطاءُالله عطاري، حافظ عبدالحفيظ پلھه، محرم لاشاري، سينگار، لاشاري ۽ ٻين نعت خواني ڪئي، جڏھن ته جلسي کي خطاب ڪندي مولانا نجب علي طاھري چيو ته حضرت محمد مصطفي صلعم الله جا آخري پيغمبر آهن، سندن جي پيدائش وقت سمورو جھان روشن ٿيو ۽ حضرت محمد مصطفيٰ صلعم جي ولادت جي خوشي عرشن ۽ فرشن تي ملائڪن به ملھائي آهي، آخري نبي حضرت محمد مصطفيٰ صلعم جي صدقي اسان کي ھي جھان مليو، هواڏانهن جلسي جي اختتام تي ننگر پڻ تقسيم ڪيو ويو
