سجاول: ڪجهه ڏينهن اڳ سماجي اڳواڻ کان ڦر ٿيل موٽرسائڪل واپس نه ٿي، احتجاج ڪيو ويو
سجاول ( رپورٽ: سليم ملاح ) سجاول: ڪجهه ڏينهن اڳ استاد ۽ سماجي اڳواڻ حسين آزاد ميمڻ کان ڦر ٿيل موٽرسائڪل واپس ناهي ٿي سگهي، اهڙي عمل خلاف گسٽا يونٽ گورنمينٽ بوائز هاءِ اسڪول خضرآباد اسڪول جي استادن نياز شاهه، سعيد ميمڻ، طفيل احمد ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته سجاول ۾ ھڪ ڀيرو ٻيهر ڏوھي وارداتن ۾ اضافو ٿي چڪو آھي، ڦرون ڌاڙا روز جو معمول بڻيل آهن، گذريل ڏينھن استاد حسين آزاد ميمڻ کان ھٿيارن جي زور تي موٽرسائيڪل، موبائل فون ۽ روڪ رقم فر ڪئي وئي هئي، پر پوليس استاد کي هن مهل تائين انصاف ناهي ڏياري سگھي، هنن مطالبو ڪيو ته مامري جو نوٽيس وٺي بدامني تي ضابطو آندو وڃي
