سجاول: پوليس جو پوسٽ ٻيلو جي حد ۾ مبينا مقابلو هڪ ڏوهاري زخمي حالت ۾ سوگهو

WhatsApp Image 2024-09-11 at 19.01.53

سجاول ( رپورٽ: سليم ملاح ) ٻيلو پوليس انچارج محمد صفر ڏاوچ پاران ڪامياب ڪاروائي ڪئي وئي، ٻيلو دڙو روڊ لوٺيا سم نالي وٽ ڏوهه جي ارادي سان بيٺل ڏوھارين سان مبينا مقابلو ٿيو، جنهن ۾ فائرنگ جي نتيجي ۾ ھڪ ڦورو عاشق علي کڏو کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو جڏھن ته 3 جوابدار فرار ٿي ويا، زخمي حالت ۾ گرفتار ڏوھاري جي قبضي مان ھڪ عدد ريوالور ۽ گوليون پڻ برآمد ڪيون ويون، جڏهن ته گرفتار ڏوھاري عاشق علي کڏو ڪيترين ئي ڏوھي وارداتن ۽ ٻيا ڪيسن ۾ پوليس کي گهربل هو، گرفتار زخمي جوابدار کي علاج لاءِ سرڪاري اسپتال منتقل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *