شڪارپور: پوليس جي ڪاروائي لوڊر رڪشا ڊرائيور بازياب
شڪارپور ( رپورٽ: عاشق ڪلهوڙو ) ايس ايس پي شڪارپور شاھزيب چاچڙ جي پنھنجي ٽيم سميت ڪاروائي لوڊر رڪشا ڊرائيور ڌڻي بخش بڪيجو کي بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي، ايس ايس پي شڪارپور، ايس ايڇ او ناپر ڪوٽ، انچارج پي پي فيضو لاڙو ۽ ٻين پوليس عملدارن مغوي کي بازياب ڪرائي ورتو آهي، ياد رهي ته نامعلوم ماڻهن مغوي ڌڻي بخش بڪيجو کي دوکي سان گهرائي مڇي ٻنڍو جي علائقي مان کيس اغوا ڪيو هو، پوليس جي حڪمت عملي ۽ ڪامياب ڪاروائي جي بدولت مغوي کي ضلعي ڪشمور ايٽ ڪنڌڪوٽ جي جمال ديھي جي علائقي مان ٽارگيٽڊ آپريشن بعد مغوي کي با حفاظت بازياب ڪرايو ويو، مغوي جي بازيابي تي وارثن طرفان ايس ايس پي شڪارپور شاھزيب چاچڙ جو شڪريو ادا ڪيو ويو
