شڪارپور: ڊي سي پاران 12 ربيع الاول جي حوالي سان اي سيز کي هدايتون
شڪارپور ( رپورٽ: عاشق ڪلهوڙو ) ڊپٽي ڪمشنر آفيس ۾ 12 ربيع الاول ملهائڻ جي حوالي سان گڏجاڻي ٿي گذري، گڏجاڻي جي صدارت ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور الطاف احمد چاچڙ ڪئي، ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر جو چوڻ هو ته 12 ربيع الاول جو ڏهاڙو سڄي عالم اسلام لاءِ خوشي جو ڏهاڙو آھي، ربيع الاول مهيني ۾ سڀني تعلقن ۽ ٽائونز اندر صفائي سٿرائي ۽ لائيٽنگ جو خاص خيال رکيو وڃي، هن چئني تعلقن جي اسسٽنٽ ڪمشنرز کي هدايت ڪئي ته 12 ربيع الاول جي ڏهاڙي کان هڪ ٻه ڏينهن اڳ مانيٽرنگ جي عمل کي وڌيڪ تيز ڪيو وڃي، ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور سوئي گيس ۽ واپڊا عملدارن کي 11 ۽ 12 ربيع الاول تي لوڊشيڊنگ نه ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي، ميونسپل جي عملدارن کي شهر جي مک رستن جتان ريليون نڪرنديون اتان جي لائيٽنگ ۽ صفائي جي عمل کي بهتر ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي
