ريتي: جهنگل ملڪ ۾ يوسي چيئرمين پاران ترقياتي ڪم هلندڙ

WhatsApp Image 2024-09-11 at 21.51.50_0b2371d0

ريتي ( رپورٽ: صدام ملڪ ) ڳوٺ سونو ڀٽو ۾ يوسي چيئرمين رائيس حبيب الله ڀٽو پاران برسات سبب ٻڏي ويل رستن تي مٽي وجهرائڻ جو ڪم شروع ڪرايو ويو آهي، يوسي چيئرمين پاران ترقياتي ڪم ڪرائڻ تي ڳوٺاڻن استاد يعقوب ڀٽو، جمال الدين ڀٽو ۽ ٻين يوسي چيئرمين جو شڪريو ادا ڪيو آهي آهي ان موقعي تي ڳوٺاڻن چيو ته اسان ڪيترن ئي سالن کان رستي کان محروم بڻيل هئاسين ۽ ڪافي مشڪلاتن کي منهن ڏئي پاڻي ۽ گندگي مان گذرندا هئااسين اسين يوسي چيئرمين حبيب الله ڀٽو جا شڪرگذار آهيون جنهن اسان جي سار لڌي آهي، هوڏانهن ٻئي طرف يوسي چيئرمين حبيب الله ڀٽو جو چوڻ آهي ته منهنجي يوسي جھنگل ملڪ آهي جنهن ۾ ڪافي ڳوٺن جا رستا پاڻي هيٺ آيل آهن، جنهن ڪري يوسي عوام مشڪلاتن جو شڪار آهي پنج ڳوٺن واحد بخش ڀٽو، ڳوٺ سونو ڀٽو، ڳوٺ الهيار ڀٽو، ڳوٺ گل محمد ڀٽو ۽ ڳوٺ ابراهيم کي ملائڻ واري گهٽي جو ڪم ڪرايو آهي، هن وڌيڪ چيو ته عوام جي ساٿ سان فلاحي ڪمن جو سلسلو جاري رهندو

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *