سجاول: عورتاڻي آواز تي هرکجي اغوا ٿيل نوجوان بازياب
سجاول ( رپورٽ: سليم ملاح ) 20 ڏينهن اڳ عورتاڻي آواز تي هرکجي اغوا ٿيل جاتي لڳ ڳوٺ پٽيل حيات ملاح جو رهواسي محمد حسن پٽ عبدالرحمان ملاح ڌاڙيلن جي چنبي مان بازياب ٿي پنهنجي گهر پهتو، مغوي نوجوان جي بازياب ٿي گهر پهچڻ تي اڳوڻي ضلعي ناظم سيد شفقت شاهه شيرازي ۽ ملاح برداري جي ماڻهن نوجوان جي گهر پهچي کيس مبارڪون ڏنيون
