نصيرآباد: بوائز هائي اسڪول جي شاگردن ۽ استادن پاران تعليمي جاڳرتا ريلي
نصيرآباد ( رپورٽ: سيد قمر عباس ) گورنمينٽ بوائز هائي اسڪول جي استاد ۽ شاگردن پاران پڙهندي سنڌ ته وڌندي سنڌ جاڳرتا ريلي ڪڍي وئي، ريلي ۾ ڊي اي او قمبر شهدادڪوٽ الله بخش سومرو، ٽي اي او علي نواز کهاوڙ، پرويز اقبال ڀٽي، گسٽا اڳواڻ جاويد ڳنوانس، احمد واهوچو ۽ ٻين استادن ۽ شاگردن وڏي انگ شرڪت ڪئي، ان موقعي تي استادن ڳالهائيندي چيو ته تعليم انسان جي ٽئين اک آهي، تعيلم کانسواءِ انسان اڌورو آهي، تعليم سان ملڪ ترقي ڪندو آهي، ان موقعي تي استادن شاگردن جي والدين لاءِ پيغام ڏنو ته اسڪولن ۾ داخلا جاري آهي پنهنجن ٻارن کي اسڪول ۾ داخل ڪرائن
