ڪنڊيارو: پريمي جوڙي جو تحفظ لاءِ صحافين آڏو احتجاج

WhatsApp Image 2024-09-10 at 13.38.09_7d542645

ڪنڊيارو ( رپورٽ: عبدالوحيد چنا ) ريلوي ڪالوني واسي نوجوان علي نواز سهتو پنهنجي گهرواري رحيم يار خان واسڻ صائمه شهزاد سان گڏ دانهيندي چيو ته ڏيڊ مهينو اڳ رحيم يار خان واسڻ ناري صائمه شهزاد سان پسند جي شادي ڪئي آهي، ھاڻي پنجاب ۽ ڪنڊيارو پوليس اسان جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي، اسان جي گهرن تي چڙهايون ڪري حراسان ڪيو پيو وڃي، هوڏانهن پريمي ناري صائمه شهزاد جو چوڻ هو ته پنجاپ ۽ ڪنڊيارو پوليس اسان جي زندگي زهر بڻائي ڇڏي آهي، اسان جي جان کي خطرو آهي، پوليس بلاجواز اسان جي گهرن تي چڙهايون ڪري منهنجي مڙس کي گرفتار ڪرڻ چاهي ٿي اسان کي تحفظ ۽ انصاف فراهم ڪيو وڃي

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *