ڏهرڪي: ايس ايس پي گهوٽڪي حفيظ الرحمان بگٽي جي پريس ڪانفرنس
ڏهرڪي ( رپورٽ: عرفان جلباڻي ) ايس ايس پي گهوٽڪي حفيظ الرحمان بگٽي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته اڄ کان بعد سنڌ ۽ پنجاب پوليس ۾ ڪو به فرق ناهي، ڪچي ۽ پڪي جي ڏوهارين کي برداشت نه ڪيو ويندو، هن چيو ته شريف ماڻهن کي اغوا ڪري مارڻ بلوچ قبيلي جو شان ناهي هن وڌيڪ چيو ته نبي ڪريم صلعم جو حڪم آهي ته پنهنجي هٿن سان ظلم بند ڪرايو نه ٿا ڪرائي سگهو ته ٿيندڙ ظلم کي خراب سمجهو، هن جو چوڻ آهي ته ڦورن، ڌاڙيلن، منشيات فروشن جي سهولتڪاري هرگز برداشت نه ڪئي ويندي، ايس ايس پي حفيظ الرحمان بگٽي چيو ته مان هن ضلعي ۾ اوهان جي خدمت ڪرڻ لاءِ آيو آهيان، عوام جي جان ۽ مال جو تحفظ ڪرڻ پوليس جي ذميواري آهي، گهوٽڪي ضلعي جا فرض شناس ۽ ايماندار پوليس آفيسر منهنجي سر جا سائين آهن ضلعي اندر پوليس کان مايوس ماڻهون مون وٽ اچن، هن چيو ته آئون ڪنهن به شهري جي کنڀجڻ ۽ ان جي مارجڻ کي برداشت نه ڪندس، هن ڏوهارين کي هدايت ڪئي ته غلط رستو ڇڏي سٺي رستي تي اچن آئون انهن سان گڏ آهيان
