ڏهرڪي: سنڌ شيخ الائنس جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ تعلقي جي باڊي ٺاهي وئي
ڏهرڪي ( رپورٽ: اسرار حسن لغاري ) ڳوٺ گل حسن شر ۾ محمد جمن شيخ جي صدارت هيٺ سنڌ شيخ الائنس جو اجلاس ٿي گذريو، اجلاس ۾ شيخ برادري جي نوجوانن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، جڏھن ته سنڌ شيخ الائنس پاران تعلقي ڏهرڪي جي باڊي جي چونڊ ڪئي وئي، جنھن ۾ تعقلي صدر محمد جمن شيخ، جنرل سيڪريٽري عابد شيخ، سينيئر نائب صدر محمد اسلم شيخ، نائب صدر عبدالشڪور شيخ، جوائنٽ سيڪريٽري پرويز احمد شيخ، فنانس سيڪريٽري سيف علي شيخ، انفارميشن سيڪريٽري آفتاب علي شيخ، آفيس سيڪريٽري عديل احمد شيخ چونڊيا ويا، ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي صدر محمد شيخ چيو ته هي اجلاس سنڌ شيخ الائنس جي مرڪزي چيئرمين ايڊووڪيٽ آصف مير شيخ جي حڪم تي منعقد ڪيو ويو آهي، جنهن جو مقصد تنظيمي معاملن کي اڳتي وڌائڻ آهي، اسان هميشه پنهنجي برادري جي هر ڏکي سکي ڪم ۾ اڳڀرا رهنداسين، هن وڌيڪ چيو ته اسان تمام جلد حلف برداري جي تقريب منعقد ڪنداسين ۽ اسان جو جيئڻ مرڻ پنهنجي برادري سان هوندو
