چوهڙ جمالي: هلندڙ اسڪيمن بابت پلاننگ ۽ ڊولپمنيٽ پاران گڏجاڻي
چوهڙ جمالي ( رپورٽ: وقار ميمڻ ) چوھڙجمالي شھر کي ماڊل ٽائون بنائڻ لاءِ ھلندڙ اسڪيمن بابت پلاننگ ۽ ڊويلپمينٽ ڊپارٽمينٽ پاران گڏجاڻي ڪوٺائي وئي گڏجاڻي ۾ پ پ اڳواڻ رئيس حاجي شوڪت علي خان ملڪاڻي، ڊي جي پلاننگ ۽ ڊويلپمينٽ امتياز احمد ڀٽي، ڊاڪٽر قيصر بنگالي، ٽائون چيئرمين محمد عثمان ميمڻ ۽ ٻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي گڏجاڻي ۾ شھر جي ڊرينيج، روڊن، واٽر سپلائي، اسڪول، رورل ھيلٿ سينٽر سميت مختلف اسڪيمن بابت بريفنگ ڏني وئي ان موقعي تي پ پ اڳواڻ رئيس حاجي شوڪت علي خان ملڪاڻي پلاننگ ۽ ڊويلپمينٽ ڊپارٽمينٽ جي لاڳاپيل آفيسرن کي ھدايت ڪئي تھ شھر ۾ ھلندڙ اسڪيمون اسڪول، اسپتال، روڊ ۽ ڊرينيج نالي جو ڪم انتھائي سست رفتاري جو شڪار آھي، وچ شھر مان ٺھندڙ ڊرينيج ۽ روڊ جو ڪم سست رفتاري سان ٿيڻ ڪري ڪاروبار متاثر ٿي رھيو آھي ۽ عام ماڻھو پريشاني جو شڪار آهن، سمورين اسڪيمن کي جلد کان جلد مڪمل ڪرايو وڃي
