نيو سعيد آباد: ٽول پلازه تي مبينا طور حليم عادل شيخ جي قافلي کي روڪڻ لاءِ پوليس اٽالا پهتل

WhatsApp Image 2024-09-07 at 17.48.41

نيو سعيد آباد ( رپورٽ: محبوب ڪاڪا ) ٽول پلازه تي مبينا طور حليم عادل شيخ جي ڪافلي کي روڪڻ لاءِ پوليس اٽالا پهچي ويا آهن، ٽول پلازه تي تعلقي نيو سعيد آباد جي مختلف ٿاڻن جي پوليس وڏي نفري سميت پهتل آهي، پوليس ٽول پلازه وٽ موبائلون وچ روڊ تي بيهاري روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو، هوڏانهن ذريعن جو چوڻ آهي ته پي ٽي آءِ سنڌ جي صدر حليم عادل شيخ ۽ ڪارڪنن کي اسلام آباد جلسي ڏانھن وڃڻ کان روڪڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، پي ٽي آئي ڪارڪنن موجب پوليس پي ٽي آئي جي چئن اڳواڻن گلزار خاصخيلي، رياض ڀٽي، احمر خاصخيلي کي ٽول پلازه تان پڻ گرفتار ڪري نامعلوم ھنڌ منتقل ڪري ڇڏيو آھي، قومي شاهراهه بلاڪ هئڻ سبب ٻنھي پاسن کان مسافر توڙي مال بردار گاڏيون بيهجي ويون آهن، مسافر سخت پريشاني کي منهن ڏيڻ تي مجبور

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *