نصير آباد: نوجوان جو گهرواري سان گڏجي پوليس جي زيادتين خلاف احتجاج
نصير آباد ( رپورٽ: قمر عباس ) نوجوان مرتضيٰ ڪلهوڙو جو پنهنجي گهرواري مسمات سيما سان گڏجي نيشنل پريس ڪلب تي پوليس جي ناجائزين خلاف پاڪ ڪتاب کڻي احتجاج هن ميڊيا آڏو دانهيندي چيو ته بااثر جي چوڻ تي پوليس اھلڪار عبد الله ميمڻ ڪوڙن ڪيسن م ڦاسائڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيو آھي آئي جي سنڌ، ڊي آئي جي لاڙڪاڻو، ايس ايس پي قمبر شهدادڪوٽ ۽ ٻيا وس وارا مامري جو نوٽيس وٺي اسان کي تحفظ ۽ انصاف فراهم ڪن
