ميرپورماٿيلو: ڪمشنر سکر فياض عباسي پاران تعلقه اسپتال گهوٽڪي جو دورو

WhatsApp Image 2024-09-07 at 17.09.54

ميرپورماٿيلو ( رپورٽ: عمر ڪورائي ڪمشنر سکر فياض حسين عباسي گهوٽڪي تعلقه اسپتال جو دورو ڪيو آهي جتي هن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته بلوچستان ۾ پوليو جا 12 کان وڌيڪ ڪيس ظاهر ٿي چڪا آهن، جتان تمام گهڻا ماڻهو سکر ايندا رهن ٿا، سکر سينٽرل ضلعو آهي، جنهن ڪري هتي پوليو وائرس پکڙجڻ جو خطرو هر وقت هجي ٿو انڪري اسان سڀني کي گهرجي ته پوليو مهم دوران پنهنجي ٻارن کي لازمي طور پوليو وائرس کان بچاءَ جا ڦڙا پيارڻ سميت کين مختلف بيمارين کان محفوظ رکڻ لاءِ روٽين امونائيزشن تحت حفاظتي ٽڪا لڳرايون ته جيئن ٻار خطرناڪ بيمارين کان بچي سگهن، هن وڌيڪ چيو ته دنيا جي صرف 2 ملڪن پاڪستان ۽ افغانستان ۾ پوليو وائرس موجود آهي، هلندڙ سال دوران سنڌ ۾ 3 ڪيس رجسٽرڊ ٿيا آهن جن مان 2 ڪراچي ۽ هڪ شڪارپور مان ظاهر ٿيو، انڪري والدين کي اپيل ڪجي ٿي ته هو پنهنجي ٻارن کي لازمي پوليو جا ڦڙا پيارين ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر گهوٽڪي ڊاڪٽر سيد محمد علي ۽ ڊي ايڇ او ڊاڪٽر رائو آفتاب پڻ موجود هئا

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *