ڪنڊيارو: پوليس جي مبينا زيادتين خلاف عورتن جو احتجاج

WhatsApp Image 2024-09-07 at 14.13.58_dddbe63d

ڪنڊيارو ( رپورٽ: عبدالوحيد چنا ) پوليس جي مبينا زيادتين خلاف جتوئي برادري جي عورتن جو پوليس خلاف احتجاج، محبت ديرو چودگي واسي جتوئي برادري جي عورتن مسمات سارا جتوئي، جنت خاتون ۽ ٻين ڊي ايس پي ڪنڊيارو ۽ محبت ديرو پوليس جي مبينا زيادتين خلاف دانھيندي چيو ته محبت ديرو پوليس اسان خلاف رڻ ٻاري ڏنو آھي بلاجواز اسان جي گھرن تي چڙھايون ڪري اسان کي پريشان ڪيو پيو وڃي، هنن چيو ته اڄ فجر جي وقت پوليس اسان جي گهرن مٿان چڙھائي ڪري گهرن جي ڀڃ ڊاهه ڪئي ۽ هڪ نوجوان راضي جتوئي کي کنڀيو ويو آهي ۽ مينھون ٻڪريون پڻ ڪاھي ويا آھن ۽ اسان کي خدشو آھي ته پوليس اسان جي نوجوان کي ڪوڙي مقابلي ۾ ماري ڇڏيندي،

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *