ڪنڊيارو: ڳوٺ سونهارو مڱريو مان برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ خلاف احتجاج

WhatsApp Image 2024-09-06 at 12.43.58_c52aad9a

ڪنڊيارو ( رپورٽ: عبدالوحيد چنا ) محبت ديرو لڳ ڳوٺ سونهارو مڱريو مان برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ خلاف محبوب مڱريو،  امتياز منڱريو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو ان موقعي تي تازين برساتن بعد سڄو ڳوٺ پاڻي جي لپيٽ ۾ اچي ويو آهي ڳوٺ ۾ ٻوڏ واري صورتحال بڻيل آهي، فصل مڪمل طور تباهه ٿي چڪا آهن، مڇرن جي آزار سبب ڳوٺاڻا مليريا ۽ گيسٽرو جي بيمارين ۾ وڪوڙجڻ لڳا آهن، پر انتظاميه نوٽيس وٺڻ لاءِ تيار ناهي هنن مطالبو ڪيو ته ڳوٺ مان برساتي پاڻي نيڪال ڪرايو وڃي

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *