اوٻاوڙو: پ پ ش ڀ جي سڏ تي شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو ۽ سندس ساٿين جي قاتلن خلاف احتجاج
اوٻاوڙو ( رپورٽ: غلام قمبر بوهڙ ) پاڪستان پيپلز پارٽي شهيد ڀٽو جي ڪارڪنن پاران شهيد مير مرتضا ڀٽو ۽ ان جي ساٿين جي قاتلن خلاف نيشنل پريس ڪلب تي صوبائي اڳواڻ علي نواز خان سپيو، ضلعي اڳواڻ شير محمد چاچڙ، ٻروچ ڀٽو، پپو خان سپيو، حاجي ڪريم بخش ڇڄڻ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي، ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته شهيد مير مرتضا ڀٽو ۽ ان جي بهادر ساٿين کي سرعام ڪراچي ڪلفٽن گهر اڳيان 28 سال اڳ ناحق قتل ڪيو هو، شهيد مرتضا ڀٽو ۽ ان جي ساٿين جي قتل ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪري سخت سزائون ڏنيون وڃن، شهيد ڀٽو جا ڪارڪن اڄ به سراپا احتجاج بڻيل آهن
