ٺاروشاهه: ابڙا ڪالوني ۾ هيلٿ ملازم جي معصوم نينگري پاڻي جي ٽپ ۾ ٻڏي فوت
ٺاروشاهه ( رپورٽ: نصير ابڙو ) ٺاروشاهه جي ابڙا ڪالوني ۾ ھيلٿ کاتي جي ملازم محمد دائود کوسو جي 10 مھينن جي معصوم نياڻي گھر اندر پاڻي جي ٽپ ۾ ڪري پئي جيڪا موقعي تي بيهوش ٿي وئي کيس بيھوشي جي حالت ۾ اسپتال نيو ويو جتي معصوم نياڻي فوت ٿي وئي جڏھن ته معصوم ٻارڙي جو مڙه گھر پھچڻ تي سندس امڙ کي بيھوش جا دوره پوڻ لڳا گھر ۾ ڪھرام مچي ويو علائقي ۾ سوڳ واري لهر ڇانيل آهي
