شڪارپور: ايس ايس پي جي پنھنجي ٽيم سميت ڪاروائي ڪلينر سھيل لاشاري کي بازياب ڪرائي ورتو

WhatsApp Image 2024-09-05 at 13.02.23

شڪارپور ( رپورٽ: عاشق ڪلهوڙو ) ٻه ڏينهن اڳ نامعلوم ھٿياربندن رستم ٿاڻي جي حد مان نينگر کي اغوا ڪري ڪچي جي علائقي ۾ کڻي ويا ھئا، ايس ايس پي شڪارپور شاهزيب چاچڙ پاران ايس ايڇ او رستم، ايس ايڇ او ناپرڪوٽ ۽ ٻي پوليس ٽيم کي مغوي جي فوري بازيابي جو ٽاسڪ ڏنو ويو ھو، پوليس ٽيم کي اطلاع مليو ته مغوي نينگر کي اغوا ڪندڙ ڏوهاري رستم جي ڪچي مان مغوي کي ٻئي ھنڌ منتقل ڪري رھيا آھن، اهڙي اطلاع تي انٽيليجينس بيسڊ ٽارگيٽڊ آپريشن جي دوران مغوي کي بازياب ڪرايو ويو

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *