ڪي اين شاهه: پ ٽ الف جي سڏ تي مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج
ڪي اين شاهه ( رپورٽ: عرفان مشوري ) پ ٽ الف جي مرڪزي سڏ تي تعلقي ڪي اين شاهه جي اڳواڻن غلام مصطفيٰ ساريو، نظير احمد گاڏھي، غلام علي سيال ، علي گوھر ٻٻر ، سلطان ٻگھيو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ سٽي پريس ڪلب اڳيان ڌرڻو هڻي نعريبازي ڪئي وئي، اڳواڻن چيو ته تعليم جو وزير سيد سردار شاهه سنڌ اسيمبليءَ ۾ سينيئر استادن جي توھين ڪئي آھي، ھنن الزام ھڻندي چيو ته تعليم وارو وزير سينيئر استادن جو سروس اسٽرڪچر ختم ڪرڻ لاءِ مختلف حربا استعمال ڪري رھيو آھي، پر اسين ائين ڪرڻ ڪڏھن به نه ڏينداسين، ھنن وڌيڪ ڌاھيندي چيو ته اسان اڄ مرڪزي سڏ تي احتجاج ڪري رھيا آھيون، سردار شاهه سينيئر استادن کام معافي وٺي نه ته ٻي صورت ۾ احتجاجي تحريڪ ھلائي ويندي
