ڪنڊيارو: ايڪس سروس مين سوسائٽي جي سڏ تي بااثرن خلاف احتجاج
ڪنڊيارو ( رپورٽ: عبدالوحيد چنا ) ڳوٺ ڇتو گانداھي ۾ ايڪس سروس مين سوسائٽي اڳواڻ عبداالله ملاح جي اڳواڻي ۾ نبي بخش، راهب گانداهي، محمد علي گانداهي، منظور گانداهي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ٺاروشاهه اسٽاپ وٽ احتجاج ڪيو ويو، ان موقعي تي ڳوٺاڻن جو چوڻ هو ته ڳوٺ جي ڪجھه بااثر ماڻھن اسان خلاف رڻ ٻاري ڏنو آھي جيڪي رات جو اسان جي گهرن مٿان فائرنگ ڪري اسان کي حراسان ڪندا رهن ٿا ۽ اسان مٿان اغوا جا ڪوڙا ڪيس ڪري رهيا آهن هنن چيو ته بااثرن خلاف ڪاروائي ڪري تحفظ ۽ انصاف فراهم ڪيو وڃي
