سجاول: ٿري آر سم نالي جي کاٽي نه ٿي سگهي، ڪووريج ڪرڻ تان نيوز نائو ايڇ ڊي جي رپورٽر کي ڌمڪيون
سجاول ( رپورٽ: سليم ملاح ) ٿري آر سم نالي ميرپور بٺورو جي کاٽي نه ٿي سگھي آهي، سم نالي کي پڇڙي وٽان گھارا پوڻ جو ظاهر ڪيو ويو آهي، جڏھن ته ھڪ مقامي شخص صديق چنڊاڻي پاران ڪووريج ڪرڻ تان نيوز نائو ايڇ ڊي جي رپورٽر سليم ملاح موتمار ڌمڪيون، صحافي برادري ۾ تاءُ پکڙيل، ھوڏانھن مقامي صحافي سليم ملاح جو چوڻ آھي ته مزڪورا شخص صديق چنڊاڻي کي ڳوٺ مان نيڪالي پڻ مليل آھي، جيڪو مسلسل ڳوٺ کي ٻوڙڻ جون سازشون ڪندو رهي ٿو، ٿري آر سم نالي کي گھارو پيو ته ان جو ذميوار صديق چنڊاڻي ۽ ايريگيشن ٽنڊو محمد خان جا عملدار ھوندا
