اوٻاوڙو: شهيد صحافي بچل گهنڃو جي قاتلن جي عدم گرفتاري خلاف احتجاج
اوٻاوڙو ( رپورٽ: غلام قمبر بوهڙ ) اوٻاوڙو ڀرسان رائونتي ٿاڻي جي حد ۾ شهيد ٿيل خانگي ٽي وي چئنل جي رپورٽ محمد بچل گهنڃو جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن ۽ قلم ڌڻين پاران ريلي ڪڍي شهر جو گشت ڪرڻ بعد ڌرڻو هنيو ان موقعي تي عبدالحئي ڇڄڻ، عبدالغفار ملڪ، غلام قمبر بوهڙ، عزيز الله ملڪ، عبدالواحد ملڪ ۽ ٻين چيو ته ضلعو گھوٽڪي ڏوھارين جي آماجگاهه ۽ قلم ڌڻين لاءِ مقتل گاهه بڻيل آهي، ھفتو گذرڻ باوجود شھيد صحافي محمد بچل گھنڃو جي قتل ۾ ملوث جوابدارن اڳيان پوليس بيوس بڻيل آھي، هنن چيو ته سنڌ حڪومت شھيد صحافي جي قتل تي ڏک جو اظهار ته ڪيو آهي پر ان جي ٻچڙن لاءِ ڪا به مالي مدد ناهي ڪئي، هنن آئي سنڌ، ڊي آئي جي سکر، سنڌ حڪومت کان اپيل ڪئي ته مامري جو نوٽيس وٺي شهيد محمد بچل گهنڃو جي قاتلن کي گرفتار ڪري کين سزائون ڏنيون وڃن ۽ شهيد جي ٻچڙن جي مالي مدد پڻ ڪئي وڃي
