ٺاروشاهه: نيو تڳر ۾ قائم سرڪاري ڊسپينسري ۾ ڊاڪٽرن ۽ دوائن جي کوٽ

WhatsApp Image 2024-09-03 at 13.42.28_ba6252b1

ٺاروشاهه ( رپورٽ: نصير ابڙو ) ٺاروشاهه ڀرسان نيو تڳر جي عوام جي سهولت لاءِ قائم سرڪاري ڊسپينسري ۾ ڊاڪٽرن ۽ دوائن کوٽ وڌي وئي آهي، ڳوٺاڻن زبير ملاح، سيد سجاد شاهه، امتياز عرفان بلوچ دانهيندي چيو ته اسانجي علائقي ۾ ھيلٿ کاتي عوام جي سھولت لاءِ ڊسپينسري ته قائم ڪئي آھي پر عوام کي ان مان ڪو به لاڀ حاصل ناهي، ڊسپينسري ۾ ڊاڪٽرن ۽ دوائن جي کوٽ تمام گهڻي آهي جنهن ڪري پري پري کان ايندڙ مريض مشڪلاتن کي منهن ڏيڻ تي مجبور آهن، هنن چيو ته تازين برساتن بعد مختلف بيماريون زور پڪڙي ويون آهن، ڊسپينسري ۾ سهولتن جي کوٽ سبب اسين پريشان آهيون هنن وس وارن کان نوٽيس وٺڻ جي اپيل ڪئي آهي

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *