سجاول: برسات متاثر علائقن مان برساتي پاڻي نيڪال نه ٿي سگهيو رهواسي مشڪلاتن کي منهن ڏيڻ تي مجبور
سجاول ( رپورٽ: سليم ملاح ) سجاول، جاتي، ميرپوربٺورو، ٻيلو ميرپور بٺورو جي مختلف ڳوٺن مان برساتي پاڻي نيڪال ناهي ٿي سگهيو، ھزارين ايڪڙن تي بيٺل ساريالو فصل تباهه ٿيڻ جو خدشو، ھوڏانھن ڳوٺ الھ بخش چنڊاڻي، غلام نبي چنڊاڻي، راول ڪنڊرا، ڄار ڳوٺ ۽ ٻين ڳوٺن ۾ برساتي پاڻي بيٺل آهي، گندو پاڻي بيهڻ ڪري بخار، مليريا، چمڙي ۽ ڊائريا جون بيماريون فھلجي رھيون آھن، جڏھن ته ضلعي انتظاميه طرفان ڪي به اپاءَ ناهن ورتا ويا، ڳوٺاڻن اپيل ڪئي آهي ته نوٽيس وٺي برساتي پاڻي نيڪال ڪرايو وڃي
