سجاول: ايس ايس پي جي حڪمتي منشيات فروشن خلاف ڪاروائيون

WhatsApp Image 2024-09-02 at 12.03.37_6688a84f

سجاول ( رپورٽ: سليم ملاح ) ايس ايس پي سجاول ڊاڪٽر عبدالخالق پيرزادو جي حڪم تي مختلف ٿاڻن جي حدن ۾ منشيات فروش ڏوھارين خلاف ڪاروايون جاري آھن، ان سلسلي ۾ سي آئي اي پوليس چيڪنگ دوران برانچ موري وٽ ڪراچي مشرف ڪالوني جي رهواسي گٽڪا سفينا سپلائيرز کي ڪار سميت گرفتار ڪيو آهي، مختلف ڪاروائين دوران باءِ پاس ميرپور بٺورو وٽ ٻن گٽڪا فروشن صدام چانڊيو ۽ غفار ميمڻ کي 1500 گٽڪن جي پڙين سميت کين گرفتار ڪيو ويو، ايس ايڇ او دڙو وحيد مراد چانڊيو دڙو ٻيلو باءِ پاس وٽ روپوش ڏوھاري اڪرم کڏو کي گرفتار ڪري 10 ليٽر ڪچي شراب برآمد ڪئي آهي، ايس ايڇ او سجاول آفتاب جاگيراڻي گشت دوران گٽڪا فروش نياز ميمڻ کي پڻ گٽڪن سميت گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي هوڏانهن گرفتار جوابدارن تي ڪيس داخل ڪيا ويا آھن

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *