شڪارپور: اسپورٽس سان لاڳاپيل مختلف ايسوسيئيشن جي سربراهن جي گڏجاڻي

WhatsApp Image 2024-09-02 at 18.35.28

شڪارپور ( رپورٽ: عاشق ڪلهوڙو ) اڳوڻي صوبائي وزير ايم پي اي امتياز احمد شيخ جي ڪوششن سان سنڌ گورنمينٽ طرفان شڪارپور جي نوجوانن لاءِ تعمير ٿيندڙ ريجنل يوٿ ڊولپمينٽ سينٽر جي وزٽ کان پوءِ مختلف ايسوسيئيشن جي سربراهن جي زائقه هوٽل تي اھم گڏجاڻي زبير احمد ميمڻ جي ميزباني هيٺ ٿي گذري، گڏجاڻي جو آغاز تلاوت ڪلام پاڪ سان ڪيو ويو، گڏجاڻي ۾ اعجاز احمد کوکر، استاد عبدالوهاب ڪاغذي، زبير احمد ميمڻ، استاد ھدايت الله مھر، نصرالله ميمڻ ۽ ٻين اڳواڻن شرڪت ڪئي، گڏجاڻيءَ ۾ متفق طور تي فيصلو ڪيو ويو ته اڳوڻي صوبائي وزير امتياز احمد شيخ جن اليڪشن کان اڳ ڪيل واعدو پورو ڪندي سندس جي مهربانين ۽ ڪوششن سان شڪارپور سٽي کي اسپورٽس سٽي جو تحفو ڏنو ويو آھي

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *