شڪارپور: ڳوٺ جمعو مهر جو پرائمري اسڪول ڪيتري ئي عرصي کان غيرفعال بڻيل، تعليم متاثر ٿيڻ لڳي
شڪارپور ( رپورٽ: عاشق ڪلهوڙو ) لکي غلام شاهه ڀرسان ڳوٺ جمعو مهر جو گورنمنٽ پرائمري اسڪول ڪيتري ئي عرصي کان غير فعال بڻيل آهي، علائقي جا معصوم گلن جهڙا ٻار تعليم جي زيور کان محروم ٿي ويا انهي حوالي سان ڳوٺ جمعو مهر واسين جو چوڻ آهي ته گورنمينٽ پرائمري اسڪول جمعو مھر جي ٽي کان چار سئو ٻارن جي تعليم داءُ تي لڳل آهي اسڪول جو رھيل ڪم ٺيڪيدار عبدالحق بنگلاڻي اڌ ۾ ڇڏي ھليو ويو آهي، ڇت جي مٿان ليپائي، درين ۽ دروازن سميت پلستر جو ڪم مڪمل نه ٿي سگھيو آهي هنن چيو ته هن جديد دور ۾ ڳوٺ جمعو مھر جا ٻار تعليم جھڙي زيور کان محروم بڻيل آهن، اعلي اختياريون مامري جو نوٽيس وٺي اسڪول جو ڪم مڪمل ڪرائن
