سامارو: ديهه 325 جي ڳوٺن مان برساتي پاڻي نيڪال نه ٿي سگهيو رهواسي مشڪلاتن جو شڪار

WhatsApp Image 2024-09-02 at 11.43.54_2d4b758a

سامارو ( رپورٽ: دليپ ڪمار ) سامارو ڀرسان ڳوٺ پريمون ميگهواڙ جي گھرن ۽ گهٽين مان برساتي پاڻي نيڪال نه ٿي سگهيو آهي، جنهن ڪري ڳوٺاڻا مشڪلاتن کي منهن ڏيڻ تي مجبور آهن، ڳوٺاڻي جيوو ميگهواڙ، ناٿو ميگهواڙ ۽ ٻين جا ڪچا گھر ڊھي پٽ پئجي ويا آھن، هوڏانهن ڳوٺاڻن ڌانهيون آهي ته برسات کي 4 ڏينھن گذري وڃڻ باوجود به تعلقي انتظاميا طرفان ڳوٺ مان برساتي پاڻي نيڪال لاءِ ڪي به اپاءَ ناهن ورتا ويا، جنھن ڪري ڳوٺاڻا تڪليفن کي منھن ڏيڻ لڳا آهن، اختياريون نوٽس وٺي ڳوٺن مان برساتي پاڻي نيڪال ڪرائن

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *