ڏهرڪي: ڪراچي واسڻ ناري ميرپورماٿيلو واسي نوجوان سان پرڻو ڪري ڇڏيو

WhatsApp Image 2024-09-02 at 12.35.13_c5982cff

ڏهرڪي ( رپورٽ: عرفان جلباڻي ) ڪراچي واسڻ ناري ناري ثوبيا سويترا ميرپورماٿيلو واسي نوجوان عمران شيخ سان ميرپورماٿيلو جي عدالت ۾ پسند جو پرڻو ڪيو آهي، پريمي جوڙي جو تحفظ لاءِ ڏهرڪي پريس ڪلب ڏهرڪي پهچي احتجاج، نوجوان عمران شيخ ۽ ناري ثوبيه صحافين آڏو دانهيو ته اسين ميرپور ماٿيلو جي عدالت ۾ پيار جو پرڻو ڪيو آهي، جڏهن ته هاڻي ثوبيه جا وارث سندس ڀاءَ عاشق سويترا ۽ والد فاروق سويترا اسان زندگين جا ويري بڻجي ويا آهن، اسان کي جان سان مارڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن، ناري جو چوڻ هو ته مون کي ڪنهن اغوا ناهي ڪيو مون پنهنجي رضا خوشي سان شريعت محمدي موجب عدالت ۾ پرڻو ڪيو آهي، پريمي جوڙي ايس ايس پي گهوٽڪي سمير نور چنه سميت وس وارن کي اپيل ڪئي ته اسان کي  تحفظ ۽ انصاف فراهم ڪيو وڃي

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *