ٺاروشاهه: هفتو اڳ مبينا عطائي ڊاڪٽر کان علاج ڪرائيندڙ عورت جي حالت نازڪ، وارثن جو احتجاج

WhatsApp Image 2024-09-01 at 22.07.23

ٺاروشاهه ( رپورٽ: نصير ابڙو ) ھڪ ھفتـو اڳ مبينا طور تي عطائي ڊاڪٽر جي غلط انجيڪشن لڳڻ بعد ڳوڙھاري عورت جي حالت نازڪ ٿي وئي، نوابشاهه جي ڊاڪٽرن پاران جسم ۾ زھر ڦهلجڻ ڪري کيس فوري طور ڪراچي اسپتال منتقل ڪرڻ جو مشورو وارثن جو احتجاج، ڪلھوڙا ڪالوني جي رھواسي پورھت گلشير ڪلھوڙو ۽ سندس گھر ڀاتين احتجاج ڪيو سندن چون هو ته اٺ ڏينھن اڳ اسان پنهنجي عورت فرحانه ڪلھوڙو کي ڊاڪٽر فرحان خانزادا جي ڪلينڪ تي علاج ڪرائڻ لاءِ وٺي ويا هئاسين، ڊاڪٽر پاران کيس انجڪشن ڪرڻ بعد عورت جي حالت نازڪ بڻجي وئي آهي جنهن کي نوابشاهه اسپتال کڻي وياسين جتان جي ڊاڪٽرن اسان جي عورت کي ڪراچي مان فوري علاج ڪرائڻ جي هدايت ڪئي آهي، نوابشاهه جي ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته عورت جي جسم ۾ زهر ڦهلجي چڪو آهي، جنهن ڪري هن جي جسم جو اڌ حصو ڪم ڪرڻ ڇڏي ويو آهي هنن وس وارن کان مطالبو ڪيو آهي ته ڄاڻايل ڊاڪٽر خلاف ڪاروائي ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *