نوشهروفيروز: پيءَ ۽ پٽ جي قتل ۾ ملوث 3 جوابدار گرفتار

WhatsApp Image 2024-08-31 at 12.41.50

نوشهروفيروز ( رپورٽ: محمد عادل ) سي آئي اي پوليس ٽنھي جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي، جوابدارن وٽان ڏوهه ۾ استعمال ٿيل ھٿيار ۽ موٽر سائيڪل ھٿ ڪئي وئي، سي آئي اي انچارج اڪبر چنا جو چوڻ آهي ته جوابدارن ڏوهه جو اعتراف پڻ ڪيو آھي ،جوابدارن زمين جي تڪرار تان ٻٽو قتل ڪيو هو، مقتول منور ۽ ماڻڪ ڪلھوڙو جو ڪيس داخل ٿيل آهي، داخل ٿيل ڪيس مقتول منور جي گهرواري مسمات شھزور جي فرياد تي داخل ڪيو ويو هو، ڪيس ۾ صابر علي، امتياز ۽ دلبر چانڊيو نامزد هئا، ڪيس ۾ فريادڻ مسمات شهزور جو چوڻ آهي ته جوابدارن فائرنگ ڪري منهنجي مڙس ۽ پٽ کي قتل ڪيو

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *