ڪراچي ۾ برسات کانپوءِ گرمي پد ڪري پيو، گذريل رات آگسٽ جي سڀ کان وڌيڪ ٿڌي رات رڪارڊ

WhatsApp Image 2024-08-31 at 13.16.10

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) مون سون سسٽم تحت برسات سبب گرمي جي شدت ۾ گهٽتائي اچي وئي آهي،
موسميات کاتي موجب هن مهيني يعني آگسٽ ۾ شهر جو گهٽ ۾ گهٽ گرمي پد 23.5 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو آهي،
موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته گهٽ ۾ گهٽ گرمي پد 26.7 ڊگري سينٽي گريڊ رهيو جڏهن ته گذريل رات رڪارڊ ڪيل گرمي پد معمول کان 3.2 ڊگري سينٽي گريڊ گهٽ رهيو
موسميات کاتي موجب آگسٽ 2019ع ۾ گهٽ ۾ گهٽ گرمي پد 23 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو هو
هن وقت تائين سڀ کان گھٽ گرمي پد 7 آگسٽ 1984ع تي رڪارڊ ڪيو ويو، جڏهن گهٽ ۾ گهٽ گرمي پد 20 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو هو

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *