سامونڊي طوفان ڪراچي کان پري وڃڻ لڳو، سمنڊ ۾ ئي ختم ٿيڻ جو امڪان
ڪراچي ( رپورٽ: آفاق پتافي ) سامونڊي طوفان اسنيٰ ڪراچي سميت سنڌ جي سامونڊي پٽي کان پري ٿيڻ شروع ٿي ويو آهي
موسميات کاتي موجب طوفان هن وقت عربي سمنڊ جي اتر اوڀر ۾ موجود آهي ۽ طوفان بلوچستان جي ساحلي پٽي ڏانهن وڌي رهيو آهي، جنهن جو رخ اومان طرف آهي، جڏهن ته طوفان جي ڪنهن به ساحلي علائقن سان ٽڪرائجڻ جو ڪو به امڪان ناهي، جڏهن ته طوفان آهسته آهسته ڪمزور ٿي رهيو آهي جيڪو سمنڊ ۾ ئي ختم ٿي ويندو
موسميات کاتي موجب طوفان ڀارت جي گجرات ۽ راجسٿان کي متاثر ڪندو، جڏهن ته اهو سسٽم ايندڙ 3 کان 4 ڏينهن ۾ اوڀر سنڌ کي متاثر ڪري سگهي ٿو
ٻئي طرف ڪراچي جي مختلف علائقن ناظم آباد، صدر، کھارادر، ڊفينس، ڪورنگي، قيوم آباد، نرسري، پي اي سي ايڇ ايس ۽ طارق روڊ سميت ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ صبح سوير هلڪي برسات پئي آهي،
