عثمان شاهه هڙي: پ پ ايم پي اي سيد ضياءَ عباس شاهه پاران برسات بعد ٽنڊوالهيار جو دورو
عثمان شاهه هڙي ( رپورٽ: اي جي عاقلاڻي ) اڳوڻي صوبائي وزير ۽ پ پ ايم پي اي سيد ضياءَ عباس شاهه رضوي ۽ ضلعي ڪائونسل ٽنڊوالهيار جي ميمبر سيد محمد حسن شاهه رضوي، زوار پرويز سمون، ميونسپل آفيسرن ۽ ڪائونسلرن سان گڏجي برسات بعد ٽنڊولهيار شهر جو دورو ڪيو، ٽنڊوالهيار ۾ برسات بعد ٿيل صورتحال جو جائزو ورتو ويو، پ پ ايم پي اي سيد ضياءَ عباس شاهه رضوي پاران حيدرآباد ميرپورخاص روڊ، نصرپور روڊ، بڪيرا روڊ، ايم اين اي اسڪيم سميت شهر جا مين ڊسپوزل ۽ نصير واهه تي قائم پمپنگ اسٽيشن جو دورو ڪيو، دوري دوران پ پ ايم پي پاران شهر مان برساتي پاڻي جي نيڪالي جو جائزو ورتو ويو ۽ هدايتون جاري ڪيون ته برساتي پاڻي فوري طور تي نيڪال ڪيو وڃي هن ڳالهائيندي چيو ته اسان جي ڪوشش آهي ته جتي جتي پاڻي بيٺل آهي اهو ڪڍرايو وڃي، عوام کي پريشاني کان بچائڻ جي هرممڪن ڪوشش ڪري رهيا آهيون
