جهنڊومري ۽ ڀرپاسي ۾ برسات جا راڱا جاري، 20 کان وڌيڪ ڳوٺ پاڻي هيٺ اچي ويا

WhatsApp Image 2024-08-30 at 11.45.55

جهنڊو مري ( رپورٽ: غلام شبير مري ) جھنڊو مري ٽن ڏينهن کان پوري سنڌ جيان تعلقي جھنڊو مري ۾ تيز طوفاني برساتن وڏي تباهي مچائي ڇڏيو آهي، ڳوٺ الھورايو کوسو، ڳوٺ وارث لاشاري، ڳوٺ رئيس سانوڻ خان مري، ڳوٺ مير جان، ڳوٺ زيب ٽالپر، ڳوٺ گل مير مري، ڳوٺ عبدالقادر خاصخيلي، ڳوٺ گونر مري، ڳوٺ خان محمد مري، ڳوٺ بشام کوسو سميت 20 کان وڌ يڪ ڳوٺن جو واحد رستو پاڻي هيٺ اچي ويو آهي، مختلف ڳوٺن جو شهرن سان زميني رابطو پڻ ڪٽيل آهي، ڳوٺاڻن وس وارن کان سهائتا جي اپيل ڪئي پئي وڃي

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *