ڀٽ شاهه: سروري جماعت جي روحاني پيشوا مخدوم جميل الزمان پاران سروري جماعت کي برسات متاثرن جي مدد جي هدايت
ڀٽ شاهه ( رپورٽ: جمن چوهاڻ ) سروري جماعت جي روحاني پيشوا ۽ پ پ ايم اين اي مخدوم جميل الزمان سروري جماعت کي هدايت ڪئي آهي ته ٻوڏ متاثرن جي هر ممڪن مدد ڪئي وڃي، هن پنهنجي بيان ۾ چيو ته سروري جماعت جا ماڻهو پنهنجي پاڙيسرين توڙي آسپاس جي ڳوٺن جي برسات متاثر ماڻهن جي هر ممڪن مدد لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪن، سروري جماعت جي روحاني پيشوا مخدوم جميل الزمان جو وڌيڪ چوڻ آهي ته ڪو به غريب متاثر سروري جماعت جي ماڻهن جي ويجھو موجود آھي ته ان جي ھر حوالي سان مدد ڪئي وڃي، متاثرن کي پڪل کاڌي سميت، راشن توڙي دوائن ۽ اجھي لاءِ پنهنجي وس آھر مڪمل مدد ڪئي وڃي، هن پنهنجي بيان ۾ چيو ته اسين سنڌ ڌرتي تي آيل آفت تي افسرده آهيون اميد ته اسين هن بحران مان نڪري وينداسين، جتي جتي سروري جماعت رهي پئي اتي اهي پنهنجي علائقن ۾ سنڌ واسي مسڪين ماروئڙن جي سار لهن
