سيتاروڊ: ايم آر ڊي تحريڪ جو اڳواڻ علي خان جانوري لاڏاڻو ڪري ويو
سيتاروڊ ( رپورٽ: عديل جانوري ) سيتاروڊ ۾ ايم آر ڊي تحريڪ جو اڳواڻ علي خان جانوري ھن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو آهي جنھن جي جنازه نماز مرڪزي عيد گاهه ۾ ادا ڪئي وئي، جنازه نماز ۾ شھرين، اديبن، عالمن، شاعرن، صحافين ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، پاڪستان پيپلز پارٽي جي مرڪزي اڳواڻن جو چوڻ آهي ته علي خان جانوري ايم آر ڊي تحريڪ سان سلهاڙيل رهيو، هن مختلف وقتن تي جيل جون سختيون پڻ برداشت ڪيون، هو سموري زندگي پاڪستان پيپلز پارٽي سان نڀائيندو رھيو، ھن جي آخري وصيت مطابق قبر جي مٿان پ پ پ جو جھنڊو لڳايو ويو
