ميرپورماٿيلو: ٻن ڳوٺاڻن جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ وارثن جو ايس پي افيس آڏو احتجاج
ميرپورماٿيلو ( رپورٽ: عمرڪورائي ) ڳوٺ محمد بچل گبول واسي ٻن ڳوٺاڻن محمد بچل ۽ اسلام گبول جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ وارثن طرفان احتجاج ڪري ڌرڻو هنيو ويو وارثن جو چوڻ آهي ته هفتو اڳ گهوٽڪي حاضري تي ويندي جوابدارن اسان جي ٻن ڄڻن کي قتل ڪيو هو، گهوٽڪي ٿاڻي تي ست جوابدارن مٿان ڪيس داخل ٿيل آهي، پوليس جوابدارن عمير، عذير، محمد نواز، ظفر گبول کي گرفتار نه ٿي ڪري انصاف ڪيو وڃي
