ڏهرڪي واسڻ حامله عورت نتاشا انعم مغل مٿان سندس مڙس محمد نواز مبينا تيزاب هاري زخمي ڪري ڇڏيو

WhatsApp Image 2024-08-29 at 19.50.08_c4a03e26

ڏهرڪي ( رپورٽ: عرفان جلباڻي ) ڏهرڪي جي واسڻ نتاشا انعم تي سندس مڙس محمد نواز ڏھر مبينا طور تيزاب هاري کيس سخت زخمي ڪري ڇڏيو آهي متاثره عورت جو ڏهرڪي پريس ڪلب تي احتجاج هن دانهيندي چيو ته چار سال اڳ محمد نواز ڏھر سان شادي ٿي ٻه ٻار آهن ۽ هاڻي به حامله آهيان مڙس ڊگھي عرصي کان تشدد ڪندو رهيو آهي، اهڙي دانهن مان گهر جي وڏن کي به ڏني هئي پر ڪنهن به منهنجي دانهن نه ٻڌي عورت جو چوڻ هو ته منهنجا ڏير مونکي غلط الزام لڳائيندا رهيا جنهن بعد هنن مون کي گهران ڪڍي ڇڏيو، مان پنهنجي ماءُ جي گهر ويٺي هيس ته منهنجي مڙس محمد نواز ڏھر ۽ سُهري مون مٿان تيزاب هاري زخمي ڪيو آهي متاثره عورت انصاف جي اپيل ڪئي آهي

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *