دادلغاري جا مختلف پاڙا برسات ۽ گندي پاڻي ۾ ٻڏي ويا

WhatsApp Image 2024-08-29 at 15.22.57

دادلغاري ( رپورٽ: صدام پتافي ) برسات بند ٿي وئي آهي پر گهٽين ۽ گهرن مان پاڻي ناهي نڪري سگهيو غريب آباد ۾ برسات ۽ گندي پاڻي جي نيڪال نه ٿيڻ سبب بدبو پکڙجڻ شروع ٿي وئي، پاڻي جي نيڪال نه ٿيڻ ڪري رهواسي سخت پريشانين کي منهن ڏئي رهيا آهن، رهواسي ۽ اسڪولي شاگرد برساتن ۽ گندگي جي پاڻي مان گذرڻ تي مجبور آهن رهواسين جو چوڻ آهي ته برساتي پاڻي جي نيڪال لاءِ اڃا تائين لاڳاپيل اختيارين جو ڪو به نوٽيس ناهي ورتو، ايم پي اي نادر اڪمل لغاري، اسسٽنٽ ڪمشنرن ۽ يوسي چيئرمين کي پاڻي جي نيڪال لاءِ درخواست ڪئي آهي پر ڪو به عملدار پاڻي ڪڍرائڻ لاءِ تيار ناهي اختياريون نوٽيس وٺن

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *