اوٻاوڙو: رائونتي پوليس جي ڪاروائي صحافي بچل گهڃون جي ڪيس ۾ گهربل هڪ جوابدار سوگهو

WhatsApp Image 2024-08-28 at 20.42.04_0887e12c

اوٻاوڙو ( رپورٽ: غلام قمبر بوهڙ ) رائونتي پوليس پاران صحافي بچل گهڃون جي قتل ڪيس ۾ گهربل  هڪ جوابدار شوڪت گهنڃو کي  گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي، رائونتي ٿاڻي ايس ايس پي گهوٽڪي سمير نور چنا پريس ڪانفرنس ڪئي هن چيو ته رائونتي جي ڪچي اندر شهيد ٿيندڙ صحافي بچل گهڃون جي شهادت بعد وزير اعليٰ سنڌ  ۽ آئي جي سنڌ جي نوٽس وٺڻ بعد گهوٽڪي پوليس پاران ڊي ايس پي اوٻاوڙو حافظ عبدالقادر چاچڙ جي سربراهي ۾ هڪ ٽيم مقرر ڪئي وئي هئي جنهن بعد رائونتي پوليس پاران ڪاروائي ڪندي شهيد صحافي بچل گهڃون جي قتل ۾ ملوث هڪ جوابدار شوڪت گهڃون کي گرفتار ڪري ورتو آهي جوابدار شوڪت گهنڃو جي قبضي مان قتل ۾ استعمال ٿيندڙ  هٿيار به هٿ ڪيو ويو آهي ايس ايس پي گهوٽڪي جو وڌيڪ چوڻ هو ته شهيد  صحافي بچل گهنڃو جي شهادت ۾ ملوث وڌيڪ ست  جوابدار  رانوتي جي ڪچي اندر فرار ٿي ويا آهن سنڌو درياهه جي پاڻي ۾ چاڙهه سبب جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ ۾ پوليس کي ڏکيائون پيش اچي رهيون آهن

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *